راهي رسول بخش

’راهي‘ رسول بخش: شاعر رسول بخش ’راهي‘ قلات جي بروهي قبيلي مان هو. هو شروع ۾ شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ منشي هو، جتان پوءِ ترقي ڪري مختيار ڪار ٿيو. قلات جي والي خداداد خان جي وفات کانپوءِ انگريز سرڪار جا قلات جي سردارن سان اختلاف وڌڻ سبب انگريزن لاءِ تمام گھڻا مسئلا پيدا ٿيا، انهن اختلافن کي نبيرڻ ۽ خراب ٿيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ رسول بخش ’راهي‘ کي اوڏانهن موڪليو ويو، جنهن اتي پهچي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي، جنهنڪري کيس ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو ويو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هن سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي.
رسول بخش راهيءَ، 1912ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو